ملتان (بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شيخ رشيد سينيئر سياستدان آهي ته جمهوريت ۾ سڀني کي ڳالهائڻ ۽ عوام وٽ وڃڻ جو حق حاصل آهي، سپر ملتان ۾ نواز ليگ جي غنڊن شيخ رشيد جو جهڙي طرح گهيرو۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي آهي اها هڪ خطرناڪ روايت قائم ڪئي وئي آهي ايئن نه ٿيڻ گهرجي، سڀاڻي ملتان ۾ تحريڪ انصاف جو جلسو آهي جيڪڏهن جلسي ۾ نواز ليگ اهڙي حرڪت ڪئي ته خطرناڪ ثابت ٿيندي.