
اسلام آباد (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار کي خط لکيو آهي، شيخ رشيد خط ۾ خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي ٺهندڙ ڪميٽيءَ تي بي اطمينانيءَ جو اظهار ڪيو آهي، شيخ رشيد احمد پاران لکيل خط ۾ چيو آهي ته ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس رٽائر عامر رضا جي حڪمران خاندان سان رابطا آهن، جسٽس رٽائرڊ عامر رضا جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽيءَ مان انصاف جي اميد ناهي.