شيخوپوره ۾ ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا جن جو تعلق تحريڪ طالبان ۽ لشڪر جهنگوي سان آهي دهشتگردن جو 12 ماڻهن تي ٻڌل ٽولو گهر ۾ موجود هو فائرنگ جي ڏي وٺ ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي پنج دهشتگرد فرار ٿي ويا اطلاع مطابق شيخوپوره جي علائقي شرقپور روڊ تيواقع گهر ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سي ٽي ڊي ڇاپو هنيو جنهن تي گهر ۾ موجود دهشتگردن پوليس اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪئي ۽ دستي بمن سان به حملا ڪيا ويا سي ٽي ڊي عملدارن مطابق پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ان دوران چئن دهشتگردن ٻن موٽر سائيڪلن تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته انهن جي ڪوشش ناڪام ڪندي چئني دهشتگردن کي ماريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *