شوال وادي ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا

اتر وزيرستان(م.ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي شوال وادي ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، آمريڪي جاسوس جهاز هڪ گهر کي نشانو بڻايو ۽ ٻه ميزائل فائر ڪيا، حملي ۾ اهم دهشتگردن جي مارجڻ جا اطلاع آهن  آمريڪي جاسوس جهاز اتر وزيرستان جي علائقي شوال وادي ۾ هڪ گهر تي ٻه ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، ميزائل حملي ۾ گهر کي باهه لڳي وئي ۽ اهو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ اهم دهشتگرد مارجي ويا آهن. آمريڪي ڊرون جهاز گهر تي ميزائل حملي کانپوءِ علائقي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين اڏام ڪندا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *