”شوائي“ ۾ ڪو به پاڪستاني اداڪار ڪم نه پيو ڪري: اجي ديوگن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته سندس نئين ايندڙ فلم ”شوائي“ ۾ ڪو ٻيو پاڪستاني اداڪار ڪم نه پيو ڪري. رپورٽ موجب پاڪستاني اداڪارا صبا قمر بابت خبرون اچي رهيون هيون ته هوءَ فلم ”شوائي“ جي ڪاسٽ جو حصو آهي پر اڙي واقعي کانپوءِ ڀارت طرفان پاڪستان بابت تڪراري بيان ڏيڻ بعد هندو انتهاپسندن پاڪستاني اداڪارن تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو، جنهن دٻاءَ سبب اجي ديوگن به اهڙو بيان ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. ان حوالي سان اجي ديوگن جو چوڻ هو ته منهنجي ايندڙ فلم ”شوائي“ ۾ صبا قمر سميت ڪو به پاڪستاني اداڪار ڪم نه پيو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *