شهيد ڀٽي جي فلسفي تي عمل جي ضرورت جيتري اڄ آهي، اوتري اڳ نه هئي:آصف زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) :آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽي جي فلسفي تي عمل جي اڄ وڌيڪ ضرورت آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽي جي فلسفي تي عمل جي اڄ وڌيڪ ضرورت آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 37هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته طاقت عوام بدران اڻ چونڊيل عنصرن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي قوم کي جمهوري آئين ڏئي ملڪي دفاع کي مضبوط ڪيو.آصف علي زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي شعور ڏنو ته عوام ئي سياسي طاقت جو سرچشمو آهي.هن چيو ته طاقت گولي سان نه پر بيلٽ باڪس ذريعي ايندي آهي.آصف علي زرداري چيو ته شهيد ڀٽي جي فلسفي تي عمل جي ضرورت جيتري اڄ آهي، اوتري اڳ نه هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *