شهيد ڀٽو جي ورسي، جيالن جو سمنڊ اٿلي پيو، سيڪيورٽي انتهائي سخت

لاڙڪاڻو (اي پي پي)ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي صبح جي وقت مزار اندر قرآن خواني ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عبدالفتاح ڀٽو، ميئر لاڙڪاڻو محمد اسلم شيخ، ضلعي چيئرمين خان محمد سانگهرو سميت ٻين پ پ پ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي شهيد ڀٽو لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي. منجهند جي وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل لازوال قربانين بابت پ پ پ پاران مشاعرو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن شاعرن، اديبن ۽ دانشورن پنهنجي شاعري ذريعي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان پهتل عورت توڙي مرد ڪارڪنن ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي پهچي پنهنجي محبوب قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتح خواني ڪئي، جنهن دوران هزارين ڪارڪنن اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳائيندا رهيا. جڏهن ته مختلف شهرن مان پيادل توڙي گاڏين جا قافلا ڳڙهي خدابخش پهتا. شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري حاضري ڀريندڙن ۾ عورتون، ٻارڙا، مرد پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا، ڳڙهي خدابخش ڀٽو توڙي نئون ديرو هائوس کي پ پ پ جي جهنڊن سان سينگاريو ويو هو، ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀرڻ جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو جتي ڪيترائي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن ته مرد توڙي عورت ڪارڪن شهيد ڀٽي جي ڏنل لازوال قربانين کي ياد ڪري لڙڪ لاڙيندا رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي 7 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار، 300 رينجرس، 1500 ٽريفڪ اهلڪارن ۽ 1500 ايس ايس يو ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته مرد پوليس اهلڪارن سان گڏ عورت پوليس اهلڪارن پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون. جن جي نگراني لاءِ 32 ايس ايس پيز ۽ 91 ڊي ايس پيز ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه مختلف روٽن تي وڏي انگ ۾ پوليس چوڪيون قائم ڪري ناڪا لڳايا ويا هئا ته جيئن ڪو به شڪي يا غير واسطيدار ماڻهو نه اچي نه سگهي. پوليس پاران ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي جلسي گاهه اندر ميٽلڊ ڊڪيٽر، سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ وڏيون اسڪرينون پڻ لڳايون ويون هيون جڏهن ته اسٽيج کي جديد طرز جي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. ان سان گڏ ٽريفڪ جي رواني کي متاثر ٿيڻ کان جامع پلان جوڙيو ويو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *