شهيد پوليس اهلڪارن جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين: بلال اڪبر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر چيو آهي ته پوليس ڪراچي جي امن جي قيام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، هن چيو ته رينجرز شهيد پوليس اهلڪارن جي قاتلن کي جلد قانون جي ڪٽهڙِي ۾ آڻيندي، ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي قتل جي بعد جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر چيو آهي ته رينجرز سنڌ پوليس ڏنل ڪيترين ئي قربانين کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي، پوليس قانون لاڳو ڪندڙ هڪ اهم قومي ادارو آهي، پوليس ڪراچي جي امن جي قيام لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيو آهن جيڪي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين،سنڌ رينجرز امن امان قائم ڪرڻ جي لاءَ پوليس سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪري رهي آهي، شهيد اهلڪارن جي قاتلنکي کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارينداسين. ڊي جي رينجرز وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هاڻي ڪراچي سميت ملڪ ۾ ڪٿي به قتل و غارت جي اجازت نه ڏني ويندي,

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *