شهيد شجاع خانزاده ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ تمام گھڻيون ڪوششون ورتيون: پي سي بي چيئرمين

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن شهيد شجاع خانزاده جي شهادت کي ڪرڪيٽ بحالي جي ڪوششن لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. اٽڪ ۾ شهيد شجاع خانزاده جي اوطاق تي حملي ۽ سندس شهادت کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ هو ته شهيد شجاع خانزاده ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ تمام گھڻيون ڪوششون ورتيون. هن چيوته شهيد شجاع خانزاده زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري دوران سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا انهن انتظامن کي ڏسڻ کانپوءِ ئي زمبابوي جي اختيارين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اماڻي. هن چيو ته شهيد شجاع خانزاده مستقبل ۾ به ڪرڪيٽ ميچ ڪرائڻ لاءِ ان قسم جي ئي سيڪيورٽي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي. هوڏانهن ناليواري ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريدي به شهيد شجاع خانزاده تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو آهي ته شهيد شجاع خانزاده جي وڇوڙي سان سڄي ملڪ سان گڏ ڪرڪيٽ کي به تمام گھڻو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته شهيد جون ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ وڏيون قربانيون هيون. کيس ان حوالي سان به تمام گھڻو ياد رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *