شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل نظريي تي هلندي ملڪ کي مضبوط ڪنداسين: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عظيم جمهوري اڳواڻ،پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ پهرين چونڊيل جمهوري وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سندس فلسفي ۽ ويزن کي اڳتي وڌايو وڃي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي ٽڪرن کي ڳنڍيو ۽ ان کي پهريون يڪراءِ آئين ڏنو جنهن هن ملڪ جي فيڊريشن جي سمورن يونٽن کي هڪ هم آهنگي ذريعي هڪٻئي سان مضبوطي سان جوڙيو۽ گڏوگڏ پهريون ڀيرو هن ملڪ جي شهرين کي برابري جي ليول تي بنيادي حق ڏنا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي مضبوط دفاع ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ڏور رس منصوبا شروع ڪيا،ملڪ جي ائٽمي پروگرام کان وٺي هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس ٽيڪسيلا، پورٽ قاسم۽ پاڪستان اسٽيل ملز ترقي يافته، خوشحال ۽ پُرامن پاڪستان لاءَ سندس ويزن آهن،جيڪي تاريخ ۾ شاندار باب طوررهندا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو پنهنجي زندگيءَ ملڪ جي پيرين اگھاڙن ماڻهن ۽ پيڙهيل عوام جي غضب ڪيل حقن جي حاصلات واري ويزن ۽ مشن تحت گذاري پر ان لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪي،هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جيان سندس مشن ۽ ويزن جي پيروي ڪجي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽوجنهن مشن جي لاءِ شهادتون ماڻيون،ان مشن جي پورائي لاءِ مون سندن ڇڏيل جدوجهد جي واڳَ پاڻ هٿ ۾ کڻي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *