شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس: 2 شاهدن بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا

راولپنڊي(م.ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ استغاثه جي ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اسماعيل جويه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران استغاثه جي ٻن شاهدن گهرو وزارت جي اڳوڻي ترجمان جاويد اقبال چيمه ۽ ڊاڪٽر حبيب الرحمان تي جرح مڪمل ڪري سندن بيان قلمبند ڪيا ويا. عدالت ڪيس ۾ شاهد ڄاڻايل 9 ٻين شاهدن جي طلبي جا سمن به جاري ڪيا، جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *