شهيدن جي رت جي هر قطري جو حساب ورتو ويندو: شهباز شريف

لاهور (م.ڊ) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪس عامر خان لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، عامر خان پشاور سانحي جي مذمت ڪندي ٻارن ۽ استادن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو شهباز شريف جو چوڻ هو ته شهيدن جي رت جي هڪ هڪ قطري جو حساب ورتو ويندو، پنجاب جي وزير سان ملاقات ۾ عامر خان پشاور سانحي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي،  شهباز شريف چيو ته پشاور سانحي هر پاڪستاني جي دل کي زخمي ڪيو آهي، قوم دهشتگردي خلاف گڏ ٿي چڪي آهي دهشتگردن کي سر بچائڻ لاءِ به جڳهه نه ملندي،  هن جو چوڻ هو ته پاڪساني باڪسرن کي جديد تربيت جي ضرورت آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت صحت منداڻين سرگرمين کي هٿيار ڏيرڻ لاءِ جامع پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي هن عامر خان کي سلور لائيٽ ويلٽر ويٽ ڪيٽيگري جو چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪباد به ڏني ۽ چيو ته عامر خان باڪسنگ جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، عامر خان ان موقعي تي پاڪستاني باڪسرن کي عالمي معياري جي تربيت ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *