شهيدن جون قربانيون ضايه نه وينديون، دهشتگردن کي ختم ڪري دم پٽينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ)سيڪيورٽي فورسز پاران صوابي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ردالفساد دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي هڪ ڪئپٽن سميت ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ردالفساد تحت ملڪ آباد صوابي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪئپٽن جنيد ۽ سپاهي امجد شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو اهڙي طرح فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا چيف آف آرمي اسٽاف چيو آهي ته اسان جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صوابي آپريشن ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن ۽ سپاهي جي شهادت تي افسوس جو اطهار ڪندي چيو آهي ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته دهشتگردن کي ختم ڪري دم پٽيداسين، هن چيو ته دهشتگردن کي سندن پاران برپا ڪيل ڏڦيڙن جو حساب ڏيڻو پوندو. ياد رهي ته صوابيءَ ۾ ملڪ آباد جي علائقي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن جنيد ۽ سپاهي امجد شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد جاري آهي، صوابي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن، پنهنجي شهيدن جون قربانيون زيان نه وينديون، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد پنهنجي انجام تي پهچندا، دهشتگردن کي ڏڦيڙ ڦهلائڻ جو حساب ڏيڻو پوندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *