شهلا رضا جي گاڏي کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي، اسپيڪر کي آگاهه ڪيو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيده شهلا رضا کي پابندي مڙهيل تنظيمن مان ڌمڪي وارو خط مليو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جلد ئي سندس گاڏي کي نشانو بڻايو ويندو ذريعن مطابق سيده شهلا رضا کي مليل خط ۾ مبينه طور ڪالعدم تنظيم کيس قتل ڪرڻ لاءِ ان جي گاڏي کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي شهلا رضا ڌمڪي وارو خط اسپيڪر آغا سراج دراني جي چيمبر ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي هاڻي کان ڪجهه عرصو اڳ به شهلا رضا سان هڪ واقعو پيش اچي چڪو آهي ته جڏهن ان جي گهر ۾ ان جي گاڏي تي نامعلوم طرف کان گوليون اچي لڳيون هيون شهلا رضا ان سان گڏ ئي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني کي لکت ۾ پنهنجي جان جي خطري سبب بم پروف گاڏي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي آغا سراج دراني ڊپٽي اسپيڪر کي خاطري ڪرائي آهي ته هن معاملي کي سنجيدگي سان ورتو ويندو ۽ شهلا رضا پاران طلب ڪيل بم پروف گاڌي جي مطالبي تي به غور ڪيو ويندو هن چيو ته هو سيد قائم علي شاهه کي ان صورتحال کان پاڻ آگاهه ڪندو ۽ کيس فول پروف سيڪيورٽي لاءِ اپيل ڪندو واضح رهي ته ماضي ۾ اهڙي ئي قسم جي ڌمڪي وارو خط متحده قومي موومينٽ جي حيدرعباس رضوي ۽ پيپلزپارٽي جي فيصل رضا عابدي سميت ٻين سياسي شخصيتن ۽ مذهبي اڳواڻن کي به ملي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *