
شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ڀرسان مڙس ۽ ڏير مبينا طور عورت کي قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڳوٺ ماڇي خان ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مسمات طيبه زال شمس چانڊيو کي مبينا طور ڦاهو ڏئي قتل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتولڻ جا وارث به پهچي ويا. پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن شمن چانڊيو ۽ دادلو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چون آهي ته عورت کي مڙس ۽ ڏير رسن سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد معاملي جي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.