شهباز شيرف لنڊن وڃي پنهنجي ڪرپشن کي دفن ڪرڻ چاهي ٿو، اطلاع هئا ته هو واپس نه ايندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته شهباز شيرف لنڊن وڃي پنهنجي ڪرپشن کي دفن ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان وٽ اطلاع هئا ته هو واپس نه ايندو. ميڊيا سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته شهباز شريف جو پاڪستان واپس نه اچڻ ثابت ڪري ٿو ته ريڙهي واري جي اڪائونٽ جا پيسا هو ان کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هڪ ڀاءَ فرار ٿي ويو ۽ ٻيو فرار ٿيڻ جي تيارين ۾ آهي، هي ماڻهو اين آر او وٺڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ۽ قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي جاءِ تي ليگي ميمبر کي پارليماني اڳواڻ نامزد ڪرڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر چوڪيدار به مقرر ناهن ڪندا، نئين نامزدگين ثابت ڪري ڇڏيو ته شهباز شريف جي بيماري ڊرامو آهي. هن چي ته شهباز شريف جي بيماري بابت هن وقت تائين حتمي اطلاع پاڪستان جي عوام جي سامهون ناهن آيا، پاڻمرادي جلاوطني لاءِ هن جي صحت جا معاملا وچ ۾ ايندا ۽ ڪنهن ڊاڪٽر سان رابطو ڪنداسين جڏهن ته سوشل ميڊيا تي سندن تصويرون گردش ڪنديون آهن جنهن ۾ هن کي شاپنگ مالز ۾ يا ويڊيو گيمز کيڏندي ڏيکاريو ويو. سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ليڊر شپ عوام کي باور ڪرائيندي ره آهي ته هي ماڻهو ڦريل پيسي کي لڪائڻ واري حڪمت عملي ۾ مصروف آهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي عدالتن جو سهارو وٺڻ يا طبي بنيادن تي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوششن ۾ آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙ ڏڦيڙ جو شڪار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *