شهباز شريف 9 سالن ۾ 9 هزار ارب خرچ ڪيا: عمران خان

اسلام آباد/لاهور/بني گاله (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پرڏيهي وزير خواجه آصف خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ثبوتن باوجود نيب جي خاموشي سمجھه کان ٻاهر آهي. بني گاله ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه آصف خلاف نيب طرفان پي ٽي آءِ درخوست تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي عمران خان ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پرڏيهي وزير خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ثبوتن باوجود نيب جي خاموشي سمجھه کان ٻاهر آهي، نيب کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. عمران خان عثمان ڊار کي پي ٽي آءِ وفد سان گڏ نيب چيئرمين سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عثمان ڊار پرڏيهي وزير ۽ سندس گھرواري جي بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جا ثبوت فراهم ڪري سگھي ٿو، ڏيهي ناڻو لُٽيندڙ جو احتساب ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته قوم عدليه کان پوءِ احتساب جي اداري ڏانهن ڏسي رهي آهي ۽ اميد آهي ته نيب جلدي ئي پر­يهي وزير خلاف ڪارروائي جو آغاز ڪندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف ڀائر سپريم ڪورٽ ۽ نيب جي پٺيان پئجي ويا آهن پر پاڪستان اڄ ادارن سان گڏ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف گذريل 9 سالن ۾ 9 هزار ارب رپيا خرچ ڪيا، ڪڪ بيڪ وٺڻ لاءِ ميگا پراجيڪٽن تي رقم لڳائي وئي، فيصل سبحان جو نالو چين جي ايس اي سي پي ڏنو آهي، سندس ڏوهه هيو ته ملتان ميٽرو ۾ ان جي ڪرپشن جو ٻڌايو. فيصل سبحان کي غائب ڪيو ويو، اهڙا ڪم سياستدان نه مافيا ڪندي آهي. هن چيو ته نواز شريف برطانيا ۾ چيو هو ته هو ق ليگ جي ڪنهن ٽولي کي وٺندو پر بعد ۾ هن پنهنجي پارٽي ۾ لوٽا ڀريا. عمران خان چيو ته پنجاب پوليس جو نظام سڄي پاڪستان جي سامهون آهي، جيستائين ادارا مضبوط نه ٿيندا ملڪ اڳتي نه وڌندو، صوبي جي اسپتالن ۾ هڪ بستر تي چار چار مريض آهن، شريف ڀائرن پنهنجي مشهوري مهم تي 40 ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، شريف ڀائر سپريم ڪورٽ ۽ نيب جي پٺيان پئجي ويا آهن، مسلم ليگ ن فوج، سپريم ڪورٽ ۽ نيب تي حملا ڪري رهي آهي، هو چون ٿا ته نيب مغل اعظم کي گهرائي توهين ڪئي. پاڪستانين جا 300 ارب رپيا چوري ٿيا، ڇا هنن کي عوام جي ڪا به فڪر ناهي، ڇا سٺي ۽ چڱي جي تميز ناهي، مسلم ليگ ن کي نواز شريف کان 300 ارب رپين جو مطالبو ڪرڻ گهرجي پر هن کي تاحيات سربراهه بڻايو ويو حالانڪ سياسي پارٽي ۾ تاحيات سربراهه ناهن هوندا. هنن عوام جو پيسو چوري ڪيو آهي، عوام انهن کان ضرور پڇندو، پاڪستان اڄ سپريم ڪورٽ ۽ نيب سان گڏ آهي.  ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 2018ع ۾ ڪراچي مان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فيصلو اليڪشن سيل مينجنمٽ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪراچي جي ڪارڪنن کي عمران خان جي ڪراچي کان وڌيڪ لاهور تي ڌيان تي ڳڻتي هئي ان ڪري اهو فيصلو پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي ۽ اسد عمر جي سفارش تي ڪيو ويو، ڪراچي مان چونڊون وڙهڻ جو مقصد سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي اونرشپ حاصل ڪرڻ آهي، ڪراچي مان چونڊون وڙهڻ جي فيصلي جي سينئر قيادت به حمايت ڪري ڇڏي.ان کان سواءِ اينڊڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ٽيڪنالوجي جي استعمال جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪانسٽيٽيوشن مينجنمنٽ اينڊ ورڪر موبالائزيشن سافٽ ويئر استعمال ڪندي. عمران خان اليڪشن سيل ۽ اڳواڻن کي تڪ بندين تي نظر رکڻ جي هدارت ڪندي چيو آهي ته جنهن تڪ بندي تي خدشا هجن ان جو قانوني بچاءُ ڪن ۽ پي ٽي آءِ ليگل فورم ۽ سينئر قيادت تڪ بندين تي قانوني ۽ سياسي مدد فراهم ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *