شهباز شريف ۽ جهانگير ترين وچ ۾ ڳجهي ملاقات جي فياض الحسن چوهاڻ تصديق ڪري ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ جهانگير ترين ۾ ٿيندڙ ڳجهي ملاقات جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي شو ۾ ڳالهائيندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل طور پنهنجي ذميواري بهتر طريقي سان نڀائي. جهانگير ترين ۽ شهباز شريف جي ملاقات بابت هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ شهباز شريف جي جهانگير ترين سان ملاقات ٿي، اها ملاقات مخدوم احمد محمود جي رهائشگاهه تي ٿي. هن جهانگير ترين کي صلاح ڏيندي چيو ته ڪڏهن به آل شريف ۽ شهباز شريف تي يقين نه ڪجو، جهانگير ترين کي زندگي ۾ ڪڏهن به آل شريف طرفان چڱائي نٿي ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف اهو شخص آهي، جنهن جي هٿن ۾ فيصلي جي قوت ئي ناهي، چوڌري نثار به فيصلو ڪرڻ جي قوت نٿو رکي، جهانگير ترين حالتن ۽ واقعن کي ڏسي فيصلو ڪري، ڪا بي اعتمادي رٿ نه ايندي، انهن ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته بي اعتمادي رٿ ڪٿان ايندي. فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي ته ن ليگ جا 15 پنجاب اسيمبلي ميمبر اسان کان ٽڪيٽ گهري رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *