شهباز شريف وفاقي وزيرن سوڌو لنڊن پهچي ويو، نواز شريف سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالھيون

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ قائد ميان نواز شريف سان ملاقات لاءِ لنڊن پهچي ويو. ن ليگ نائب صدر مريم نواز لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ملاقات جون تصويرون ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون. هڪ تصوير ۾ شهباز شريف کي وڏي ڀاءُ نواز شريف سان نِوڙي ملندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻي ۾ ٻئي ڀاڪر پائي بيٺل آهن. مريم نواز ڪيپشن ۾ لکيو ته ماشاالله، اهي ڪيڏا خوش نصيب هوندا آهن، جن کي اهي عقيدتون ۽ محبتون نصيب ٿينديون آهن. واضح رهي ته لنڊن ۾ اڄ اهم اجلاس طئي آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف ۽ خرم دستگير سان گڏ لنڊن ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *