شهباز شريف قوم کي ٻڌائي ته ان جي اڪائونٽن ۾ رقم ڪٿان کان آئي؟ : شھزاد اڪبر

لاهور: (م.ڊ) شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف 10 سال پنجاب جو وڏو وزير رهيو. سندس ڪاروبار جو ٻارن کان ڪيئن پڇون؟ شهباز شريف قوم کي ٻڌائي ان جي اڪائونٽن ۾ رقم ڪٿان کان آئي؟رمضان شوگرملز شهباز شريف ٺاهي. ٻارن نه. شهباز شريف کي ان بابت عدالت ۾ جواب ڏيڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. هن جيتريون درخواستون ڏنيون اهي رد ٿي ويون. شهباز شريف بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ناهي ٿيو. شوگر ڪميشن جي جاچ ۾ رمضان شوگرملز جا بي نامي اڪائونٽس سامهون آيا. شهباز شريف پارٽي اڳواڻ آهي. هن اڄ تائين سوالن جو جواب ناهي ڏنو. شهباز شريف جو موقف آهي ته ڪاروباري معاملن جو ٻارن کان پڇو وڃي. شهباز شريف جيڪڏهن پنجاب جو 10 سال وڏو وزير نه رهي ها ته سندس ڪاروبار ۾ اضافو نه ٿئي ها. شهباز شريف جڏهن به وڏو وزير بڻجندو آهي سندس ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيندو آهي. شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف جو شريڪ جوابدار مسرور انور ان جا مالي معاملا ڏسندو هو. شهباز شريف قوم کي ٻڌائي ته ان جي اڪائونٽن ۾ رقم ڪٿان کان آئي؟ شهزاد اڪبر چيو ته نوازشريف اڄ تائين پنهنجي ميڊيڪل رپورٽ جمع ناهي ڪرائي. عدالت شهبازشريف کي حڪم ڪري سگهي ٿي ته هو نوازشريف کي واپس ملڪ آڻي. وزيراعظم جي گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر به حريم شاهه جي ڳري رقم سان گڏ وڊيو سامهون اچڻ تي بيان ڏنو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران حريم شاهه بابت پڇيل سوال تي شهزاد اڪبر چيو ته مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، حريم شاهه جي معاملي تي ايف آءِ اي نوٽيس ورتو آهي ۽ انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. شهزاد اڪبر چيو ته برطانوي ايجنسي طرفان به حريم شاهه جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته حريم شاهه سوشل ميڊيا پرڏيهي ڪرنسي جي نوٽن سان هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته مون کي ڪنهن به ناهي روڪيو ۽ نه ئي روڪي سگهي ٿو. پهريون ڀيرو پاڪستان مان يو ڪي ايتري وڏي رقم کڻي اچي رهي هئس.حريم شاهه جي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ ايف آءِ اي سندس خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *