شمالي وزيرستان ۾ ڊرون حملو، چار ڄڻا فوت،ٻه زخمي

ميران شاهه (م.ڊ) : شمالي وزيرستان جي تعلقي ۾ جاسوسي طياري جي حملي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا خبر مطابق علائقي ۾ جاسوسي طياري گهر تي 2 ميزائل اڇلايا جنهن کان پوءِ چار ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون مليون آهن ۽ وڌيڪ ماڻهن جي مرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊرون حملن جي نتيجي ۾ گهر  به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *