ممبئي: (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي 12 سالن کان پوءِ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره شلپا شيٽي 12 سال اڳ 2007 ۾ فلم(اپني) ۾ اداڪار سني ديول، بوبي ديول، ڌرميندر ۽ ڪترينه ڪيف سان گڏ نظر آئي هئي. پر ان کان پوءِ هن اداڪاره طور ڪنهن به فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو. شلپا شيٽي 2014 ۾ رليز ٿيندڙ ڪرائيم ٿرلر فلم(ڊهشڪيائون) پروڊيوس ڪئي هئي جڏهن ته فلم ۾ شلپا شيٽي آئٽم گاني تي پرفارم به ڪيو هو. جنهن کان پوءِ شلپا مختلف ڊانس شو ۾ ميزباني ڪندي نظر آئي. پر هن فلمن ۾ اداڪاره طور ڪم نه ڪيو. شلپا شيٽي جي مداحن لاءِ خوشخبري آهي ته هو 12 سالن کان پوءِ پروڊيوسر رميش توراني جي فلم ۾ اداڪاري ڪندي. ميڊيا رپورٽن موجب شلپا شيٽي فلم ۾ رائٽر جو ڪردار نڀائيندي. جڏهن ته ان سان گڏ اداڪار دلجيت دوسانجهه ۽ يامي گوتم به فلم ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندا. فلم جي نالي جو اعلان اڃان تائين ناهي ڪيو ويو.