شعيب ملڪ انگلينڊ خلاف سيريز نه کيڏندو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شعيب ملڪ 10 ڏينهن جي لاءِ لنڊن کان پاڪستان واپس اچي رهيو آهي. جنهن سبب هو هاڻ انگلينڊ خلاف ٽي 20 ۽ هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ حصو نه وٺي سگهندو. شعيب ملڪ ذاتي سببن جي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي موڪل جي درخواست ڏني، جنهن کي منظور ڪيو ويو، شعيب ملڪ ڪالهه رات پاڪستان واپس اچڻ لاءِ روانو ٿيو /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 06

۽ 10 ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ کان پوءِ واپس انگلينڊ وڃي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جوائن ڪندو. واضح رهي ته شعيب ملڪ نه رڳو انگلينڊ خلاف سيريز پر آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع لاءِ به قومي اسڪواڊ ۾ شامل آهي ۽ هي سندس آخري ورلڊ ڪپ آهي، جنهن ۾ شعيب ملڪ بهترين راند جو مظاهرو ڪري پنهنجو آخري ميگا ايونٽ يادگار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *