شرڌا ڪپور هڪ ڀيرو وري برسات ۾ رومانس ڪندي نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور هڪ ڀيرو وري برسات ۾ رومانس ڪندي نظر ايندي، پنهجي پهرين فلم عاشقي 2 ۾ شرڌا ڪپور کي برسات ۾ فلمايل منظرن تي زبردست موٽ ملي هئي ۽ کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هن اها روايت برقرار رکندي اي بي سي ڊي ٽو ۽ وري ايڪ ولن ۾ به برسات ۾ ڪجهه منظر فلمبند ڪرايا، جن به ڏسندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق پهرين رومانوي، پوءِ ڊانس ۽ وري معصوم ڇوڪريءَ جي ڪردارن کانپوءِ هاڻ شرڌا ڪپور فلم باغي ۾ جيتوڻيڪ ايڪشن ڪردار ڪري رهي آهي پر هن پنهنجي چاهيندڙن جي خوشي کي نظر ۾ رکندي ان ايڪشن فلم ۾ به برسات ۾ رومانس ڪيو آهي، سندس فلم باغي جي هڪ گاني ڇم ڇم جو ٽيزر رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ برسات ۾ ڊانس ۽ مستي ڪندي نظر اچي ٿي، فلمي ذريعن مطابق ان سڄي گاني ۾ شرڌا ڪپور برسات ۾ ڀڄندي نظر ايندي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *