شرڌا ڪپور بولي ووڊ جي نئين ڊريم گرل

ممبئي: شرڌا ڪپور بولي ووڊ ۾ تيزي سان اڀرندڙ اداڪارا آهي جنهن جون فلمون پرستارن سان گڏوگڏ فلمي تنقيد نگارن کي به وڻيون ۽ هاڻي کيس ڊريم گرل جو خطاب به مليو آهي.بوليووڊ اداڪارا تازو ئي هڪ تقريب ۾ بولي ووڊ جي ڊريم گرل هيما مالني سان ملي جتي هيما مالني پان شرڌا ڪپور کي بالي ووڊ جي نئين ڊريم گرل جو لقب ڏنو.ڀارتي ميڊيا مطابق ٻنهي اداڪارائن ملاقات ۾پنهنجين فلمن ۽ انهن ۾ ڪيل اداڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن کانپوءِ هيما مالني شرڌا ڪپور کي بالي ووڊ جي نئين ڊريم گرل جو لقب ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *