شريف ڪٽنب سسيلين مافيا قرار، سڀ ڪجهه نڪرندو آهي، رسيدون ناهن اينديون: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته لڳي ٿو ججن خلاف مهم جي تياري ٿوري تڪڙي ڪئي وئي. فواد چوڌري ٽوئيٽر تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي هڪ پراڻي ويڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هو هڪ تقريب سان خطاب ڪري رهيو آهي، ويڊيو جي آخر ۾ جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار جي وائرل مبينا آڊيو به شامل ڪئي وئي آهي. ويڊيو ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جي تقرير ۾ شامل ڪجهه لفظ ان جي مبينا آڊيو ۾ به شامل آهن، جنهن سان امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته مبينا طور تي وائرل آڊيو ايڊٽ ڪيل آهي ۽ ان جا لفظ ڄاڻايل ويڊيو مان ورتا ويا آهن. فواد چوڌري ويڊيو پوسٽ ڪري لکيو ته لڳي ٿو ججن خلاف مهم جي تياري ٿوري تڪڙ ۾ ڪئي وئي، ان مهم پويان سمورا ڪردار سامهون آهن. سندس چوڻ هو اميد ته ان معاملي ۾ عدالت نرم رويو اختيار نه ڪندي ۽ ان توهين جوڳي مهم کي انجام تي پهچايو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *