شريف ڀائر عدليه کي بليڪ ميل پيا ڪن، هو هڪ ڀيرو ٻيهر فيصلا ڊڪٽيٽ ڪرائڻ گهرن ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آهي ته شريف ڀائر ڪوڙ ۽ منافقت واري راند جا ماهر آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته شريف ڀائر بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي خلاف ججن جا فيصلا ڊڪٽيٽ ڪندا رهيا ۽ شريف ڀائر هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتن جا فيصلا ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهن ٿا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته شريف خاندان کي اندازو ناهي ته پاڪستان بدلجي چڪو آهي ۽ اسان شريف ڀائرن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران ججن کي بليڪ ميل ڪيو ويندو رهيو ۽ شريف ڀائر ڪرپشن جي عالمي اسڪينڊل کي پنهنجي خلاف سازش قرار ڏئي ججن تي دٻاءَ وجهندا رهيا. هن وڌيڪ چيو ته عدالتن تي اهڙا حملا يا بليڪ ميل ڪرڻ وارا قدم برداشت نه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *