شريف ڀائرن جو رويو مغل حڪمرانن وارو آهي، جيڪي جمهوري ادارا تباهه ڪري رهيا آهن : سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته شريف ڀائرن “ مغل حڪومت” وارو رويو اختيار ڪري ورتو آهي، جيڪي غير آئيني طريقن سان هلي ملڪ جا جمهوري ادارا تباهه ڪري رهيا آهن، لاهور ۾ هڪ تعليمي اداري جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جيستائين معاشري ۾ اميري ۽ غريبي جي ورڇ، ظالم ۽ مظلوم جو خاتمو نه آندو ويندو ۽ انصاف جي بنياد تي حڪمراني جو نظام نه ٺهندو تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته موجوده نظام غريبن کي پيڙهڻ جي بنياد تي بيٺل آهي، جنهن ڪري امير اڃا امير ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته مائرن طرفان پنهنجي ٻچن سوڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي پاڻ مارڻ ۽ پيءُ طرفان بک سبب ٻارن کي قتل ڪرڻ جهڙا واقعا سماج ۽ حڪومت لاءِ شرم جو ڪارڻ آهن.سراج الحق چيو ته اها بدقسمتي آهي ته وفاقي بجيٽ اميرن جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ ان ۾ غريبن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *