شريف خاندان خلاف ڪيسن جي ڪارروائي ٽي وي تي ڏيکارڻ جي درخواست منظور

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ شريف خاندان ۽ اسيمبلي ميمبرن خلاف عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي ڪارروائي ٽي وي تي سڌي ڏيکارڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ اسيمبلي ميمبرن خلاف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي ڪارروائي ٽي وي تي ڏيکارڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. درخواستگذار موقف پيش ڪندي چيو ته اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪيسن جي ڪارروائي ڏسڻ عوام جو آئيني حق آهي. درخواستگذار چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ اهم ڪيسن جي ڪارروائي ٽي وي چئلنز تي سڌي ڏيکاري ويندي آهي، تنهن ڪري عدالت ماڊل ٽائون ڪيس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ شريف خاندان تي ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ ٻين ڪيسن جي ڪارروائي سڌي ٽي وي چئنلز تي ڏيکارڻ جو حڪم جاري ڪري. عدالت وفاقي سرڪار سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 نومبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *