شرمين عبيد چنائي کي آسڪر ايوارڊ ملڻ تي واڌايون ڏيان ٿو: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اي پي پي) اطلاعات بابت وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو شرمين عبيد چنائي کي ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ کٽڻ تيمبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته شرمين عبيد قوم جي ذهين ۽ عظيم ڌيءُ آهي، جنهن ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. شرمين عبيد ثابت ڪيو آهي ته پاڪستاني ڪنهن کان گهٽ نه آهن، محنت ۽ سچائي سان وڏا وڏا ڪم سرانجام ڏئي سگهجن ٿا. پوري قوم ان عظيم ڌيءَ کي سلام پيش ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *