شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم ڪيس جو رڪارڊ طلب، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي: جاويد اقبال

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائر جاويد اقبال اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جي ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسن ۽ پراسيڪيوشن ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جي ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. اجلاس کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته هن وقتي چيف جسٽس طور چيو هو ته انصاف سڀني لاءِ هوندو. هن چيو ته نيب چيئرمين جي حيثيت ۾ احتساب سڀني لاءِ تي کيس پورو يقين آهي. سندس چوڻ هو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ عدالت جو اختيار آهي. نيب چيئرمين چيو ته ڄاڻايل الزام جي قانوني گهرجن موجب جاچ ڪئي ويندي. جسٽس جاويد اقبال چيو ته ڪنهن به صوبي يا شخص سان اڻ برابري وارو سلوڪ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته نيب طرفان ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *