شرجيل ميمڻ پاران گمبٽ جي صحافي جي قتل جي مذمت، ڊي آءِ جي سکر کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڌرتي نيوز ٽي وي گمبٽ جي رپورٽ محمد جيوڻ آرائين جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڊي آءِ جي سکر کي قاتل جلد گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن هن محمد جيوڻ آرائين جي گهرڀاتين ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي کيس يقين ڏياريو ته حڪومت قاتل گرفتار ڪري آخري انجام تائين پچائيندي خميس تي جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته آزاد صحافت جي رستي ۾ ڪنهن کي رنڊڪ نه بڻجڻ ڏنو ويندو هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آزاد صحافت آهي ۽ ان لاءِ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو آخري دم تائين جدوجهد جاري رکي هئي ۽ اڄ به پيپلزپارٽي صحافت تي ڪنهن به قسم جي پابندي ۽ ان جي رستي ۾ رنڊڪ برداشت نه ڪندي شرجيل ميمڻ محمد جيوڻ آرائين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته کين انصاف فراهم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *