شرجيل ميمڻ پاران ڪي ايم سي جو دورو، 103 گوسڙو سٽي وارڊن فارغ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني نمبر 2 ۾ گرين بيلٽ تي قائم غيرقانوني شادي هالن کي پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو، جڏهن ته هاڪي اسٽيڊيم لاءِ نيپا چورنگي وٽ  پارڪ ۾ قائم غيرقانوني شادي هال کي سيل ڪري ڇڏيو. شرجيل ميمڻ ڪي ايم سي جي سٽي وارڊن هيڊ آفيس جو به اوچتو دورو ڪري اتي ملازمن جي حاضري رجسٽر کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غيرحاضر 103 سٽي وارڊن کي فوري طور تي شوڪاز نوٽيس ڏئي انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جا به حڪم ڏنا. هن ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ بهادر آباد  مين چورنگي تي صفائي ۽ وڻڪاري مهم ۾ به حصو ورتو ۽ اتي موجود عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ فوري حڪم به جاري ڪيا. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽرو پوليٽن ڪمشنر مسعود عالم، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ روبينه آصف، ڊي سي ايسٽ، ڊي سي ڪورنگي، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ، ايڊمنسٽريٽر ڪورنگي سميت ٻيا اعليٰ آفيسر به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير اربع جي صبح بهادر آباد جي علائقي شرف آباد ۾ مين چورنگي تي وڻڪاري ڪري ”صاف سرسبز ، پرامن سنڌ“ مهم ۾ حصو ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي مهم جيڪا گذريل مهيني شروع ڪئي وئي هئي هاڻ به جاري آهي ۽ اها ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين هن شهر ۽ صوبي کي گندگي کان پاڪ ڪري روشنين جو شهر ۽ صوبو نٿو بڻايو وڃي. هن چيو ته هاڻ تائين واٽر بورڊ ۾ 400 کان وڌيڪ جڏهن ته ڪي ايم سي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ گوسڙو ملازمن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انهن سمورن ملازمن جي بائيو ميٽرڪ تصديق کانپوءِ اسان کي اميد آهي ته هزارن جي تعداد ۾ گوسڙو ملازم سامهون اچي ويندا. هن چيو ته اسان هن شهر ۽ صوبي کي صاف سٿرو بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان ۾ اسان ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿيا آهيون، پر آئون تسليم ڪريان ٿو ته اسان هاڻ تائين گهربل نتيجا حاصل نه ڪيا آهن ۽ ان لاءِ هاڻ اهڙن آفيسرن کي جيڪي هن مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ناهن ڪري رهيا انهن کي سندن عهدن تان هٽائڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته شهر ۾ لڳل بل بورڊز ۽ سائن بورڊز خلاف به مهم جاري آهي، پر ان ۾ اسان کي ڏکائيون ڪجهه عوام طرفان ته ڪجهه ڪنٽونمينٽ ۽ ٻين ادارن پاران اچي رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهر مان بيريئرز هٽائڻ جو ڪم امن امان جي بحالي جي ادارن جو آهي ۽ بلاول هائوس ۽ اڳوڻي صدر مشرف جي رهائشگاهه ٻاهران لڳل بئريئرز اسان يا اسان جي پارٽي نه پر خود امن امان جي بحالي وارن ادارن پاران چيڪ پوسٽ ٺاهڻ جي غرض سان لڳايا ويا آهن ۽ ان حوالي سان سنڌ جي گهرو وزارت پاران رينجرز کي هڪ خط به لکيو ويو آهي ته ٻنهي اڳوڻن صدرن کي ٿريٽ آهي، ان لاءِ ان هنڌ تان بئريئرز نه هٽايا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪافي ڀيرا فلاحي ادارن کي به گذارش ڪئي آهي ته هو وال چاڪنگ کان پاسو ڪن ۽ اهڙي طرح ڪمپنين ۽ عام اشتهار وارن کي به گذارش ڪئي پر شايد هنن قانون کي آسان سمجهيو آهي، ان لاءِ هاڻ ان تي سختي ضروري ٿي وئي آهي ۽ اڳتي وال چاڪنگ ۽ اسٽريٽ لائٽس ۽ رستن وچ ۾ پولز تي پوسٽر ۽ وال چاڪنگ ڪندڙن خلاف ڏنڊ لڳايا ويندا. صوبائي وزير اوچتو نيپا چورنگي تي سر سيد يونيورسٽي سان گڏ واقع پلي گرائونڊ جنهن کي هاڪي اسٽيڊيم جي غرض سان هاڪي ڪلب آف پاڪستان کي ڏنو ويو هو، ان ۾ قائم غيرقانوني شادي هال کي سيل ڪيو ۽ موجود لاڳاپيل ڊي سي کي هدايتون ڪيون ته ان خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي. صوبائي وزير اوچتو ڪي ايم سي جي سٽي وارڊن هيڊ آفيس جو رخ ڪيو ۽ اتي موجود سٽي وارڊن جي حاضري رجسٽرڊ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ موجود انچارج کان سٽي وارڊن جي حوالي کان تفصيل معلوم ڪيا. صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته تقريبن 1400 کان 1500 سٽي وارڊن آهن، جن کي شهر جي مختلف ضلعن ۾ ٽريفڪ جي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي غرض سان مختلف شفٽن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير معلومات ورتي ته معلوم ٿيو ته 103 اهڙا سٽي وارڊن آهن جيڪي گذريل ڪافي مهينن کان پنهنجن ڊيوٽين تي حاضر ئي ناهن، جنهن تي هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن سمورن 103 سٽي وارڊن کي فوري طور شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ۽ سٽي وارڊن ڪراچي جي انچارج کي هدايتون ڏنيون ته هو خميس جي صبح شهر جي سمورن سٽي وارڊن کي هيڊ آفيس گهرايو وڃي، هو پاڻ انهن جي سڃاڻپ پريڊ ڪندو ۽ هن هدايتون ڏنيون ته سمورا سٽي وارڊن پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪارڊ، ڊيوٽي ڪارڊ ۽ وردي سان موجود رهن. شرجيل انعام ميمڻ سمورن لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ شاهه فيصل ڪالوني نمبر 2 تي پهتو ۽ اتي گرين بيلٽ تي موجود هڪ درجن کان وڌيڪ غيرقانوني شادي هالن کي پنهنجي موجودگي ۾ مسمار ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ان موقعي تي عوام جو وڏو تعداد اتي موجود هو ۽ هنن صوبائي وزير جي ان قدم کي ساراهيو ۽ سندس حق ۾ نعرا هنيا. ان موقعي تي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان واضح حڪم ڏنا آهن ته سموري گرين بيلٽ تي قائم قبضن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ اسان ڪافي ڀيرا انهن قبضو ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ قبضا هٽائين، پر ان جي باوجود ايئن ڪيو ويو ۽ اڄ مجبور ٿي اسان انهن خلاف آپريشن جي شروعات ڪئي آهي ۽ هاڻ ڪراچي جي سموري گرين بيلٽ تي قائم هر قسم جي قبضن جو خاتمو ڪري ئي ساهه کڻنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان سلسلي ۾ هر قسم جي مفاهمت کي بالائي طاق رکيو ويندو ۽ قانون ۽ آئين تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن چيو ته سياسي مفاهمتي پاليسي جو هرگز اهو مقصد ناهي ته اسان قانون ۽ آئين کان بالاتر ٿي ڪم ڪريون. هن سمورن ضلعي جي ايڊمنسٽريٽرز کي هدايتون ڪيون ته هو پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ موجود سمورن غيرقانوني شادي هالن ۽ سرڪاري زمينن تي قائم قبضن کي هڪ هفتي اندر اندر مسمار ڪري ان جي رپورٽ کين موڪلين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *