شرجيل انعام ميمڻ جو تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عارف علوي ۽ نادر لغاري سان رابطو، تعاون جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات ۽ اطلاع واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ عارف علوي ۽ سنڌ جي صدر نادر اڪمل لغاري سان ٽيلفون تي ڳالهه ڪري ان کي 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان سنڌ حڪومت پارن مڪمل تعاون ۽ يقين ڏياريو آهي. شرجيل انعام ميمڻ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي جلسي جي موقعي تي سنڌ حڪومت پاران مڪمل سيڪيورٽي جي فراهمي جوبه يقين ڏياريندي چيو آهي ته ان حوالي سان تحريڪ انصاف کي ڪنهن به قسم جي درڪار مدد سنڌ حڪومت ان کي فراهم ڪندي. صوبائي وزير تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ڳالهين دوران چيو ته پيپلز پارٽي هڪ جمهوري جماعت آهي ۽ هوءَ جمهوريت تي يقين رکي ٿي ۽ سمجهي ته مڙني سياسي جماعتن کي پنهنجن سرگرمين کي آزاداڻا طور تي انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *