شدت پسند ٽولي اسلام جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ، تشدد ۽ شدت پسندي کي هوا ڏيڻ چاهي ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو اهي ته شدت پسند ٽولو اسلام جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ، تشدد ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيڻ چاهي ٿو سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام دين جي بزرگن جي محبت، انسانيت جي درس جي مصبوط بنيادن تي قائم ٿيو، هن چيو ته لبيڪ جهڙو شدت پسند ٽولو اسلام جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيڻ چاهي ٿو ۽ اهڙين ڪوششن کي ناڪام بنائڻ هر مسلمان جو فرض آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *