شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اسڪولن جي سڪيورٽي جي ذميواري حڪومت ۽ اسڪول انتظاميا جي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته اسڪولن جي ٻاهران حددخليون هٽائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اسڪولن کي ڀت نه آهي، جنهن سبب انهن کي فوري طور تي ڀتيون جوڙڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. نثار کهڙي چيو  ته سمورن اسڪولن کي هڪ چيڪ لسٽ ٺاهي ڏني وئي آهي، انهي فهرست ۾ حفاظتي انتظام و‎ٺڻ لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سندن عزم آهي ته ”تون ڪيترن پڙهيل لکيلن کي ماريندين، هر گهر کان پڙهيل لکيل نڪرندو“. صوبائي وزير چيو ته اجلاس ۾ پوليس خاطري ڪرائي آهي ته ستين وڳي کان 12 هين وڳي تائين هـُو اسڪول جي ڀرپاسي کي گشت کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندا. هن چيو ته سمورن اسڪولن کي حساس قرار ڏيندي حفاظتي انتظام سخت ڪيا پيا وڃن. نثار کهڙي چيو ته شاهه فيصل ڪالوني ۾ اسڪول جي عمارت ڊاهڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم کاتي جي نااهل آفيسرن خلاف جلد ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا. تعليم واري صوبائي وزير چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ پوليس کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. نثار کهڙي چيو ته اسڪولن جي سڪيورٽي جي ذميواري سنڌ سرڪار ۽ اسڪول انتظاميا جي آهي، ٻارڙن جي تحفظ خاطر ڀرپور سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *