شاهه محمود قريشي ۽ حليم عادل شيخ بلاول زرداري خلاف ڳالهائيندي وقت پنهنجو ماضي وساري ويٺا آھن: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون ۽ ماحول بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وزير خارجه شاهه محمود قريشي ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي بيانن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته شاهه محمود قريشي ۽ حليم عادل شيخ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف ڳالهائيندي وقت پنهنجو ماضي شايد ڀلي ويا آهن. انهن جي ڳالهين تي ايئن چوندس ڪٿي راجه ڀوج ۽ ڪٿي گنگو تيلي شاهه محمود قريشي ۽ حليم عادل شيخ ماضي ۾ پيپلزپارٽي جا راڳ ڳائيندا هئا. شاهه محمود قريشي کي پيپلزپارٽي عزت ڏني پر هن کي اها راس نه آئي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حليم عادل شيخ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ شامل رهيو پنهنجي قد ۽ ماضي کي ڏسي ڪري ڳالهه ڪري ته بهتر هوندو ٻئي پاسي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاق پاران سنڌ جي مالياتي شيئر مان ڪٽوتي جي تفصيل شيئر ڪئي هن اعداد شمار تي ٺاهيل ٽوئيٽ ۾ چيو ته 30 جون تي ختم ٿيڻ واري مالي سال ۾ سنڌ کي مجموعي طور تي 65 ارب رپيا گهٽ مليا وفاقي حڪومت نظرثاني تخميني جي تحت به سنڌ جي اين ايف سي شيئر ۾ ڪٽوتي ڪئي هن چيو ته مالي سال 2020 21 ۾ سنڌ کي وفاق کان نظرثاني تخميني جي تحت 22 ارب رپيا گهٽ ارسال ڪيا بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مالي سال 2020 21 جي آخر ۾ صوبائي ٽيڪس جي اوڳاڙين ۾ 21 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو سنڌ روينيو بورڊ 30 جون تائين 128 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ سنڌ روينيو بورڊ جي ٽيڪس اوڳاڙي 106 ارب هئي گذريل مالي سال جي 11 مهينن جي مقابلي ۾ صوبائي ٽيڪسن جي وصولي ۾ 19 سيڪڙو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو هن چيو ته سنڌ روينيو بورڊ گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ 22 ارب جو اضافي ٽيڪس ڪمع ڪيو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مالي سال 2020 21 ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو هو سنڌ روينيو بورڊ جي بهتر ڪارڪردگي سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيو  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.