شاهه محمود قريشي ۽ اشرف غني وچ ۾ ملاقات، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن عمل اڳتي وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ افغانستان امن عمل اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابل ۾ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران اشرف غني افغان امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃا آهن.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. افغان مفاهمتي عمل، معيشت جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعان صدر اشرف غني سان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفا لاڳاپا بهتر بڻائڻ سميت ٻين اهم علائقائي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  افغان صدر افغان امن عمل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان پارلياماني چونڊون ڪرائڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ٻنهي ملڪن ۽ خطي جي بهتري لاءِ اهم ثابت ٿيندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغان قيادت امن اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ٻنهي ملڪن وفدن جي سطح تي رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *