شاهه محمود قريشي ( او آءِ سي ) جي اجلاس ۾ سشما سوراج جي موجودگي جي صورت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم ( او آءِ سي ) جي اجلاس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي موجودگي جي صورت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو .  نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته اڄ ترڪ پرڏيهي وزير پاڻ ٽيليفون ڪري مون سان رابطو ڪيو، ترڪي پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي  جو فيصلو ڪيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته ترڪي سمجهي ٿو ته ڀارت اسلامي ملڪن خلاف جارحيت ڪئي آهي، ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ۾ سشما سوراج جي شرڪت جو هاڻ ڪو به سبب ناهي رهيو. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته گڏيل قوم جي سيڪريٽري جنرل کي به خط لکي لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو جنهن سيڪريٽري جنرل ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ راضامندي ظاهر ڪئي.  پرڏيهي وزير چيو ته تازين ڪاررواين معاملي کي ڊيگهه ڏني آهي، ڀارت عقل کان ڪم وٺي، سياسي مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڀارتي حڪومت پنهنجي عوام ۽ مخالف ڌر کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، ڀارت سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا ۽ اسان جي قوم هڪ آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجو او آءِ سي يا ڪنهن ٻئي اسلامي ملڪ سان ڪو به اختلاف ناهي، منهنجو اختلاف ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج سان آهي، جيڪڏهن سشما سوراج او آءِ سي جي اجلاس ۾ اچي ٿي ته مان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندس.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *