شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ساليانو 273 هون عرس مبارڪ شروع، هزارين پانڌيئڙا پهتل، سيڪيورٽي سخت

ڀٽ شاهه (اي پي پي) حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي 273 هين ٽن ڏينهن و اري عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو، صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد سردار علي شاهه ۽ وڏي وزيرجي اوقاف کاتي بابت خاص معاون غلام شاهه جيلاني گڏيل طور تي ڪيو جنهن بعد عرس مبارڪ تقريبون باقاعده شروع ٿي ويون. افتتاح بعد صحافين سان ڳالهائيندي مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ جي سدا حيات آفاقي شاعر، بزرگ ۽ صوفي درويش حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي پيغام کي پوري دنيا ۾ عام ڪرڻ سان ئي انتهاپسندي ، دهشتگردي ۽ معاشري ۾ موجود ٻين منفي رجحانن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي جي عقيدي جو احترام واري فضا پڻ قائم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڀٽ ڌڻي جا حاضري ڀرڻ آيا آهيون، شاهه جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ پکيڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا ۾ امن جو اهو واحد ذريعو آهي ۽ ان پيغام وسيلي ئي دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو جنهن جو مرڪز سنڌ هوندي هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جيتري ڳالهه پ پ پ جي حڪومت ڪئي آهي اوتري ڪنهن به پارٽي توڙي حڪومت نه ڪئي آهي. هن چيو ته پ پ پ پنهنجي قيادت کان وٺي ڪارڪنن تائين دهشتگردن جو شڪار رهي آهي تنهن ڪري پ پ پ هر اسٽيج تي دهشتگردي ، دهشتگردن ۽ انتها پسندي جي نه فقط مذمت ڪندي رهي آهي بلڪه انهن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد به ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مڪاني نظام ۾ اختيارن جو ڪو به مسئلو نه آهي جڏهن ته ڪجهه نيون ميونسپل ڪميٽيون ،ٽائون ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسلون ٺهڻ کانپوءِ انهن جي درجه بندي ، اختيارن جي ورڇ توڙي فنڊن جي ورهاست ۾ ڪجهه ڏکيايون آهن جن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ فارمولو جوڙيو ويو آهي جنهن تي جلد عملدرآمد ٿي ويندو جنهن کانپوءِ اختيارن توڙي فنڊن جي ورڇ جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو ۽ هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾ ترقي جو هڪ نئون باب شروع ٿي ويندو. ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبي ۾ هلندڙ سمورن ترقياتي ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ نئين آيل گورنر جي صحت جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس صحتيابي لاءِ دعا گهرائي وئي آهي جڏهن ته اهو واضح هجڻ گهرجي ته هر انسان بيمار ٿي سگهي ٿو باقي جڏهن ته سندس وڏي ڄمار جو هجڻ ڪا معنيٰ نٿي رکي ڇاڪاڻ ته سيد قائم علي شاهه به وڏي عمر جو هو پر هن جنهن جذبي سان عوام جي خدمت ڪئي اها سڀني جي سامهون آهي. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته نئين آيل گورنر کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ اڳتي هلي خبر پوندي ته هو پنهنجو ڪم ڪيئن ٿو ڪري. هن ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته صوفي يونيورسٽي جي قيام جو مقصد شاهه سائين جي صوفي ازم واري پرچار کي اڳتي وڌائڻ آهي ۽ صوفي يونيورسٽي کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن لاءِ اعليٰ اختيارين سان ڳالهايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه ۽ ٽائون ڪميٽي سيوهڻ جا فند تمام گهڻا وڌايا ويا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد سردار علي شاهه چيو ته هن سال ثقافت کاتي پاران شاهه سائين جي عرس مبارڪ جي تقريبن کي نواڻ ڏيڻ لاءِ عرس مبارڪ هڪ نئين انداز ۾ ملهائڻ جو پروگرام جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه کي صرف سنڌ جو شاعر چوڻ وڏي زيادتي هوندي ڇاڪاڻ ته هو پوري دنيا لاءِ هڪ عظيم صوفي بزرگ ۽ امن جو درس ڏيندڙ مفڪر عالم آهي جنهن جي پيغام تي عمل ڪري پوري دنيا مان نفرت ، دهشتگردي ۽ افراتفري کي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هن سال روايت کان هٽي ڪري ثقافت کاتي طرفان شاهه سائين جي ڪلام جي سرن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سررا ءِ ڏيائچ تي “گل ڇنو گرنار جو ” جي نالي سان هڪ اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ شاهه سائين جو مجسمو به ٺهرايو پيو وڃي جيڪو ڪراڙ ڍنڍ تي لڳايو ويندو. هن چيو ته عرس مبارڪ جي تقريبن کي نئين رنگ ۽ ڊنگ سان ملهائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ عقيدتمندن کي پاڻ اندازو ٿيندو ته ثقافت کاتي عرس مبارڪ جي حوالي سان ڇا ڇا ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن بابت خاص معاون غلام شاهه جيلاني چيو ته اوقاف کاتي طرفان زائرين جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن ۽ زائرين جي سيڪيورٽي لاءِ اوقاف کاتي طرفان واڪ ٿرو گيٽس ، طبي ڪيمپون لڳائڻ کان علاوه پاڻي جون سبيلون به لڳايون ويون آهن. ان موقعي تي صوبائي وزيرن ۽ خاص معاون درگاهه تي چادر چاڙهي ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقائده افتتاح ڪيو ۽ فاتح پڙهي. بعد ۾ هنن درگاهه جي احاطي ۾ موجود تاثراتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. بعد ۾ هنن مستحقن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيا تحفا ورهايا ۽ شاهه جو راڳ ٻڌو. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت غلام اڪبر لغاري، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهه پرويز، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويزاحمد بلوچ ۽ ٻين کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا. عرس مبارڪ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن پوليس سان گڏ رينجرز پڻ سيڪيورٽي جون ذميواريون نڀائي رهي آهي. جڏهن ته صفائي سٿرائي جو پڻ بهتر انتظام ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *