شاهه رخ ۽ ڪاجول جي ايندڙ فلم دل والي جو پهريون ٽريلر جاري

ممبئي: بالي وڊ فلم انڊسٽري جي سڀ کان پسند ڪئي ويندڙ جوڙي شاهه رخ خان ۽ ڪاجول جي ايندڙ فلم دل والي جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، پيار ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم دل والي جي ان ٽريلر کي سوشل ميڊِيا تي وڏي مشهوري ملي رهي آهي ۽ شوقين ڪنگ خان ۽ ڪاجل کي هڪ ڀيرو وري گڏ ڏسڻ لاءِ بيچيني سان انتظار ڪري رهيا آهن، شاهه رخ خان پنهنجي ذاتي ٽوئٽر اڪائونٽ تي دل والي جو ٽريلر جاري ڪيو ۽ ان سان گڏ ڪيپشن به لکيو ته اوهان کي ٽيم دل والي جو سلام، اميد ته توهان کي اهو پسند ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *