شاهه رخ خان چاهيندڙن کي ٽارڻ لاءِ هم شڪل جو سهارو ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) هونئن ته فلمن ۾ ڏکيا منظر ڀرائڻ لاءِ يا ڪو خطرناڪ اسٽنٽس ڪرڻ لاءِ اداڪارن کي هم شڪلن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي، پر گوري شندي جي نئين فلم ”ڊيئر زندگي“ جي شوٽنگ وقت شاهه رخ جي هم شڪل هجڻ جو ٻڌايو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هدايتڪار گوري شندي جي نئين فلم ”ڊيئر زندگي“ ۾ شاهه رخ خان ۽ اداڪارا عاليه ڀٽ اداڪاري ڪري رهيا هئا،  فلم جي شوٽنگ ڀارتي شهر گووا جي دريا ۾ ٻيڙي ۾ ڪئي پئي وئي ته چاهيندڙن کي ٻنهي اداڪارن جي موجودگي جي خبر پئجي پئي، جنهن کانپوءِ اتي چاهيندڙن جو هڪ ميڙ گڏ ٿي ويو، جنهن تي ضابطو رکڻ ڏکيو ٿي پيو هو، جڏهن ته چاهيندڙ اداڪارن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته چاهيندڙن جي وڏي انگ کي روڪڻ لاءِ اداڪار شاهه رخ خان همشڪل جو سهارو ورتو، جڏهن ته اداڪار شاهه رخ خان ۽ عاليه ڀٽ شوٽنگ کانپوءِ ٻيڙي تي صورتحال ضابطي ۾ اچڻ تائين ويٺل رهيا ۽ پوءِ ڪافي دير کانپوءِ ٻئي رستي کان هليا ويا، واضح رهي ته گوري شندي جي فلم ”ڊيئر زندگي“ هلندڙ مهيني 25 نومبر تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *