شاهه رخ خان وڏو شاهه خرچ آهي : ڪريتي سانن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪريتي سانن چيو آهي ته شاهه رخ خان وڏو شاهه خرچ آهي،پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪريتي چيو ته شاهه رخ خان منهنجي تصور کان به گهڻو سٺو اداڪار آهي، هن چيو ته منهنجي خيال ۾ شاهه رخ فلم تي گهڻو خرچ ڪري خوشي محسوس ڪندو آهي، اداڪاره ٻڌايو ته شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته شوقين پنهنجا پئسا خرچ ڪري فلم ڏسڻ ايندا آهن، تنهنڪري انهن کي معياري فلم ڏيکارڻ اسان جي پهرين اهميت ۾ شامل آهني، ڪريتي سانن جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان جهڙي وڏي اداڪار سان ڪم ڪري کيس گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *