
لاهور (شوبز نيوز) فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ هٽ ٿيڻ منهنجو هڪ خواب آهي، تنهن ڪري پنهنجي ذاتي فلم ٺاهي رهيو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار ٽي وي جي مشهور ڪمپيئر ساحر لوڌي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته جڏهن ماڻهو مون کي شاهه رخ خان چئي سڏيندا آهن ته خوشي ٿيندي آهي. هن چيو ته هو فن جي دنيا ۾ شاهه رخ خان کي پنهنجو روحاني استاد سمجهي ٿو. هن چيو ته ٽي وي تي ڪمپيئر طور عوامي ڀلائي جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪري رهيو آهيان ،ان تي فخر آهي.