شاهه رخ خان جي ٽيم کي ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز، پشاور زلمي يا ڪنهن به ملڪ جي ليگ سان مئچ کيڏڻ جي خبرن جي ترديد

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) انڊين آءِ پي ايل ۾ شاهه رخ خان جي ٽيم کي ڪلتا نائيٽ رائيڊرز، پشاور زلمي يا ڪنهن به ملڪ جي ليگ سان مئچ کيڏڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جاويد آفريدي به ان کي افواهه قرار ڏنو آهي سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪلڪتا نائيٽ رائيڊر جي آفيشل اڪائونٽ مان جاري ڪيل پيغام موجب ان جي ٽيم سمورين ڪوڙين رپورٽن جي ترديد ڪري ٿي، ڪلتا نائيٽ رائيڊرز پاران ڪنهن به ٽيم سان مئچ کيڏڻ لاءِ رابطو نه ٿيو هو. پشاور زلمي جي جاويد آفريدي به اهڙي قسم جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اهي ميڊيا رپورٽس سامهون آيون هيو ته شاهه رخ پشاور زلمي جي مالڪ جاويد هاشمي کي پاڪستان سپر ليگ ۽ انڊين پريمير ليگ جي فاتحه ٽيمن ۾ مقابلي جي تجويز پيش ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *