شاهه رخ خان جا گانا هوندي مونکي ڪنهن به نفسياتي ماهر جي ضرورت ناهي: عاليا ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا عاليا ڀٽ چيو آهي ته شاهه رخ خان تي فلمايل ڪلام هوندي کيس ڪنهن به نفسياتي ماهر جي ضرورت ناهي، ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ عاليا ڀٽ چيو ته هوءَ ڪنگ خان جي تمام گهڻي چاهيندڙ آهي ۽ سندس گانا کيس نفسياتي مسئلن کان محفوظ رکندا آهن، هن چيو ته جيستائين شاهه رخ خان جا گانا موجود آهن، کيس ذهني دٻاءَ دوران ڪنهن به نفسياتي ماهر جي ضرورت ناهي، هن انڪشاف ڪيو ته هوءَ شاهه رخ خان جي ايتري ته چاهيندڙ آهي جو جڏهن سندس فلم “ ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ رليز ٿي ته هن پنهنجو هيئر اسٽائل ڪاجل جهڙو ڪرائي ڇڏيو هو، واضح هجي ته عاليا ڀٽ ۽ شاهه رخ خان هڪ فلم ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي شوٽنگ به شروع ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *