شاهه رخ جي زندگي جي سلور جوبلي ۾ هزارين پرستارن جي شرڪت

ممبئي (شوبز نيوز) شاهه رخ خان جي 50 هين سالگره تي سندس گهر ٻهران هزارين پرستار گڏ ٿيا جن جو اداڪار شاهه رخ خان هٿ لوڏي شڪريو ادا ڪيو، اداڪار شاهه رخ اڄ پنهنجي زندگي جي سلور جوبلي ملهائي رهيو آهي، زندگي جا 50 سال پورا ٿيڻ تي اداڪار پنهنجي گهر ٻهران بيٺل هزارين پرستارن جو هٿ مٿي کڻي شڪريو ادا ڪيو، شاهه رخ 80 کان فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، دنيا جي سڀ کان اميرن اداڪارن جي لسٽ ۾ شاهه رخ خان 6 سئو ملين ڊالر پراپرٽي جو مالڪ آهي، ديوانا، ڊر، بازيگر، انجام، شاهه رخ خان جون ڪامياب فلمون آهن، دل والي دلهينا لي جائينگي، دل تو پاڳل هي، ڪچهه ڪچهه هوتا هي ۽ ڪڀي خوشي ڪڀي غم شاهه رخ جون سپر هٽ فلمون آهن، ماڌوري کان وٺي دپيڪا پڊڪون هر دور جي بهترين اداڪارائن شاهه رخ سان گڏ ڪم ڪيو آهي. پدماشري 14 فلم فيئر سميت ڪيترا ايوارڊ ماڻيندڙ شاهه رخ اڄ به هر فلم جي روڪن سمجهيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *