شاهنواز ڏاهاڻي جي شاندار ڪارگردگي ٽورنامينٽ جو بهترين بالر ۽ بهترين ايمرجنگ پليئر قرار

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل سيزن 6 ۾ شاهنواز ڏاهاڻي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون جنهن سبب ٽورنامينٽ جو بهترين بالر ۽ بهترين ايمرجنگ پليئر قرار ڏنو ويو، ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي 11مئچز ۾ 10وڪيٽون ورتيون، شاهنواز ڏاهاڻي جو چوڻ آهي ته هيءُ پهريان وڏو ايونٽ هو، ملتان سلطانز جي ميمبر جو ٿورائتو آهيان، پي ايس ايل 6 جو بهترين بالر قرار ڏنل شاهنواز ڏاهاڻي بابت شايد اهو ڪنهن نه سوچيو هو ته ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي جي هي نوجوان هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ ڪروڙين ڪرڪيٽ فينز جو محبوب بڻجي ويندو، هڪ اهڙو نوجوان سڀني جي ڌيان جو مرڪز هوندو جيڪو ڪجهه مهينا اڳ ڪرڪيٽ مئچز لائيو ڏسڻ لاءِ جڳاڙ ڪندو هوپر پاڪستان سپر ليگ ان نوجوان لاءِ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو، ملتان سلطانز جي اسڪواڊ ۾ شامل شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ۾ پيرين اگهاڙي ئي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو هو ايتري تائين جو وٽس ڪرڪيٽ جو پورو سامان به وٽس نه هو، دوست کيس ٿري جي بالر به سڏيندا هئا، ڏاهاڻي جو پيءُ کي اها راند پسند نه هئي ان جي خواهش هئي ته سرڪاري ملازم ٿي گهر جي خرچ ۾ حصو وجهي، ڏاهاڻي به شايد ائين ئي ڪري ڇڏي ها جيڪڏهن ان جي ڳوٺ ۾ آيل هڪ مهمان کيس انڊر 19ٽرائلز ۾ وڃڻ جي ڳالهه نه ڪري ها. ڏاهاڻي جو چوڻ آهي ته جڏهن کيس ٽرالر لاءِ سڏايو ويو ته ان وقت وٽس بوٽ به هو، هو ڪنهن کان بوٽ وٺي ويو هو، هڪ سيزن کيڏڻ کانپوءِ جڏهن عمر وڌي ته خبر پئي ته اوور ايج ڪا شئي ٿيندي آهي پر ڏاهاڻي همت نه هاري ۽ اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ هڪ اڀرندڙ ستاري جي طور تي سڃاڻپ ٺاهي، پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪري شاهنواز ڏاهاڻي لاءِ سڀ ڪجهه بدلجي ويو پر هڪ شئي جيڪي في الحال بدلجندي نظر نٿي اچي ۽ اها آهي سندس ڳالهائڻ واري معصوميت، ملتان سلطانز جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود جو چوڻ آهي ته شاهنواز ڏاهاڙي پاڪستان ٽيم کي ان دي فيلڊ شعيب اختر ملي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *