شاهراهه فيصل پوليس مقابلو به ڪوڙو قرار، ڪنهن کي رعايت نه ڏبي: سهيل انور سيال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته شاهراهه فيصل تي پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص مقصود بي ڏوهه هو، وارث جي مرضي موجب جاچ ڪرائينداسين. گهرو وزير شاهراهه تي فيصل تي پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان مقصود جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته مقصود بي ڏوهه هو، تنهن ڪري ان کي شهيد سمجهان ٿو، مقصود جا وارث جهڙي طريقي سان چاهيندا جاچ ڪنداسين، انهن سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪي جلد منظر تي آڻينداسين. هن چيو ته تسلسل سان اهڙا واقعا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي افسوس جوڳا آهن پر پوليس ڄاڻي واڻي ڪنهن کي قتل ناهي ڪندي، جاچ آفيسر جڏهن مناسب سمجهندو واقعي جي ويڊيو رليز ڪندو. سهيل انور سيال چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت رائو انوار يا ڪنهن به پوليس آفيسر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ائين ناهي، اسان هر ڪنهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻينداسين.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *