
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 35 سالن جو ٿي ويو. 25 فيبروري 1981ع ۾ ڀارت جي گادي واري شهر ممبئي ۾ پيدا ٿيل شاهد ڪپور پنهنجي بالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات سڀاش گئي جي فلم ”تال“ سان ڪئي، جڏهن ته هيرو طور سندس پهرين فلم 2003ع ۾ ”عشق وشق“ هئي، پنهنجي پهرين فلم ۾ بهترين ڊيبيو اداڪار جا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪندڙ شاهد نه صرف اداڪاري جڏهن ته ڊانس جي شعبي ۾ پڻ بهتري ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ فلم وواهه، فدا، شڪار، جب وي ميٽ سميت ڪيترن ئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن ۽ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. گذريل سال جولاءِ ۾ شاهد ڪپور جي شادي ميرا راجپوت سان ٿي.